ٽئنڪ ائسڊ

ٽئنڪ ائسڊ: هي هلڪي ڀوري رنگ جو پائوڊر آهي، جيڪو ماجو (گالسي) مان ڪڍيو ويندو آهي. منجهس خاص بوءِ آهي ۽ ذائقو خشڪ ٿئي ٿو. ٽئنڪ ائسڊ، باهه جي سڙڻ وارن زخمن جي علاج لاءِ ڪم ايندو آهي. گهڻو ڪري 1: 1000 جي نسبت جو ائڪريفليون جي سوليوشن سان گڏي لڳايو ويندو آهي. تمام سٺو فائدو ڏئي ٿو. گِلسرين سان گڏ به لڳايو ويندو آهي. طبي ماهرن مؤجب سُڪل ڏڍ لاءِ مفيد آهي؛ برنال ۾ به ملايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو